پائنده محمد بن مرزا باقي

پائنده محمد بن مرزا باقي (مقبرو ):هي مقبرو مرزا باقيءَ جي قبرستان- مڪلي ضلعي ٺٽي ۾ آهي. هي مقبرو مرزا باقيءَ جي وڏي پٽ مرزا پائندهه جو آهي. جيڪو صفر 1000هه/1591ع ۾ وفات ڪري ويو، جنھن وقت مرزا جاني سنڌ جي فتح بعد ھندستان جي تيارين ۾ ھو. ھن جي قبر مرزا عيسيٰ اول سان گڏ آھي ۽ ڪتبو پنجن چوڪور خانن ۾ پيرانديءَ کاناڪريل آھي. ڪتبي جي ”قد وصل الي جوار رحمت حضرت الملڪ السبحان ميرزا پائينده بن ميرزا محمد باقي ترخان الله تعاليٰ تاريخ ماهه صفر 1000 هه/ 1591ع“ ۽ ڪي ٻيون آيتون به لکيل آھن. مرزا پائينده پيءُ جي زماني ۾ پنھنجي پٽ جاني بيگ ۽ مصاحب شمس ڪشميريءَ سميت سيوھڻ جو حاڪم ھو. 982هه/1874ع ۾ بکر جو حاڪم به ٿي رھيو. ھي نيم پاڳل ھو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو